ڏاهري محمد شريف

ڏاهري، محمد شريف: محمد شريف ولد سڄڻ خان ڏاهري نامور سگھڙ آهي. هن 1934ع ڌاري ڳوٺ تاج محمد ڏاهري، تعلقي شاهپور چاڪر، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ابتدائي طور چار درجا سنڌيءَ جي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد اڳتي پڙهي نه سگھيو. ننڍي هوندي ئي کيس اوطاقي ڪچهرين سان لڳاءُ هو، تنهن ڪري نوجوانيءَ ۾ سگھڙپائيءَ جي فن سان وابسته ٿيو. سگھڙپائيءَ جي هر صنف جو وٽس ڏانءُ هو. ڳجھارت، سينگار، هنر، ڏٺ، ڏهس، نصيحت وغيره ٺاهڻ جي چڱي ڄاڻ هئي. هن جي آواز جي آلاپ ۾ قدرتي ڇڪ آهي. ٽي- وي ۽ ريڊيي تي به ڳائي چڪو آهي. هيءُ ڳوٺ امان الله ڏاهري، شاهپور چاڪر، ضلعي سانگھڙ ۾ رهائش پذير هو ۽ ڪجهه سال ٿيندا ته گذاري ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو